اسلام آباد – 02 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خصوصي معاون ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان جي دانشمنداڻي پاليسين جي ڪري ملڪي معيشت بهتري طرف گامزن ??هي، دنيا ان جي پاليسين کي تسليم ڪيو آهي، معاشي انگ اکر بهتر ٿيا ۽ انٽرنيشنل فورمن ۾ پڻ وزيراعظم جي فيصلن کي پذيرائي ملي، تمام جلد عوام کي ثمر ملڻ شروع ٿي ويندا، وزيراعظم اح??ساب جي بيانيي تي اڄ به قائم آهي، بدعنوان عنصرن ۽ ڦرلٽ ڪندڙن جي خلاف اح??ساب جو عمل جاري رهندو. نجي ٽي وي چينل سان ڳالهائيندي هن چيو ته ملڪي دولت ڦريندڙ ۽ معيشت کي تباهه ڪري ٻاهرئين ملڪ اثاثا ٺاهيندڙ قانون جي پڪڙ کان بچي نه ٿا سگهن.