اسلام آباد –07 – فيبروري (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي پريس انفارميشن ڊپارٽمينٽ ۾ ميڊيا ڪوآرڊينيشن اينڊ فيسلي ٽيشن سينٽر جو افتتاح ڪري ڇڏيو. ميڊيا ڪوآرڊينيشن اينڊ فيسلي ٽيشن خاص طور تي اليڪشن 2024ع جي ڪوريج ڪندڙ مقامي ۽ عا??مي صحافين جي سهولت لاءِ قائم ڪيو ويو آ??ي. ميڊيا ڪوآرڊينيشن اينڊ فيسلي ٽيشن جو مقصد صحافين کي هڪ ڇت جي هيٺ سمورين ضروري سهولتن جي ف??اه??ي ۽ چونڊ عمل دوران قابل اعتماد معلومات ۽ لاجسٽڪ سپورٽ تائين پهچ کي يقيني بڻائڻ آهي. افتتاح جي موقعي تي پرنسپل انفارميشن آفيسر ڊاڪٽر طارق محمود ۽ اطلاع??ت واري وزارت جا ٻيا آفيسر پڻ ??وجود هئا.